" ! ? " - TopicsExpress



          

" ! ? " 0101010101 اسان جا مقصد: پاڪستان جو عوام امن پسند آهي : پاڪستان جي عوام کي مذهب، فرقيواريت، لساني، ذات پرستي ۽ قبيلائي جهيڙن کان پاسو ڪرڻ کپي ۽ انسانيت کي اولين ترجيح ڏني وڃي. رينڪل ڪماري ڪيس ۽ اقليتي برادريءَ سان ڪيل نا انصافي: اقليتي برادرين سان ڪيل نا انصافين جو تدارڪ ڪيو وڃي ۽ انهن کي پاڪستان جو شهري تسليم ڪيو وڃي، هر هڪ فرد کي آزاد ۽ خودمختيار رهڻ ڏنو وڃي ڪنهن جو به زبردستي مذهب نه مٽايو وڃي ۽ اسان اپيل ٿا ڪريون ته اعليٰ اختيارين کي ته رينڪل ڪماري کي پنهنجي امڙ سان ملڻ ڏنو وڃي. هڪ ماءُ کان ان جو اولاد پري ڪيو ويو آهي ان جو درد فقط ماءُ ئي سمجهي سگهي ٿي. اگر فرض ڪريو! ته توهان سان ائين ٿئي ته توهان جي ڇا ڪيفيت هوندي! ؟ جنهن شخص هڪ انسان جو قتل ڪيو اهو سڄي انسانيت جو قاتل آهي (حديث نبوي عه): ڪراچي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ ختم ڪرائي وڃي ۽ ملوث ڏوهارين کي عبرتناڪ سزا ڏني وڃي ته هڪ فرد جي قتل ٿي وڃڻ سان پورو خاندان ختم ٿي ويندو آهي، انهن قاتلن تي هڪ خون نه پر پوري خاندان جي فردن جو قتل ڪيس داخل ڪيو وڃي، لياري جي عوام سان انصاف ڪيو وڃي ۽ انهن کي گينگ وار ڪندڙ شرپسند عنصرن کان پري رکيو وڃي ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي جي بلوچ ساٿين کي برابريءَ وارا ۽ خودمختياري وارا حق ڏنا وڃن. ”رشوت ڏيڻ وارو ۽ وٺڻ وارو ٻئي دوزخ جي باهه کان نه ٿا بچي سگهن. (القرآن)“ ڪرپٽ سياستدانن، ڪرپٽ وزيرن، ڪرپٽ ڪامورن، ڪرپٽ آفيسرن، ڪرپٽ پوليس آفيسرن، ڪرپٽ ميڊيڪل آفيسرن۽ هر اهو آفيسر جنهن پنهنجي فرض ۾ پنن جي ٻورين جي عيوض غداري ڪئي هجي ته ان جي موبائل فون جو سمورو ڪال رڪارڊ ڪڍرايو وڃي ته جيئن خبر پئجي سگهي ته ان پنج ڪروڙ وارو بنگلو ڪٿان آندو آهي؟ يا ان جا ٻار ٻاهرين ملڪن ۾ ڪنهن جي خرچ تي پڙهڻ ويا آهن؟ ڪهڙي طرح راتو رات امير ٿيا آهن؟ جيڪي صاف داڻا هوندا انهن کي ڪا پرواهه نه آهي، باقي جن جهڙا ڪم ڪيا انهن کي ان جي سزا عوام آڏو ڏني وڃي! ”جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي“ ۽ پاڪستان جي هر شعبي ۾ ميرٽ بحال ڪري، بيروزگار نوجوانن کي نوڪريون ڏنيون وڃن. پاڪستان جي ايندڙ اليڪشن بيمثال: پاڪستان جي ايندڙ اليڪشن فيئر ڪرائڻ ۽ جاگيرداري، وڏيرا شاهي، ڪامورن،سرمائيداري ۽ سرداري نظام خلاف ووٽ جي صحيح استعمال لاءِ ايندڙ اليڪشنِ Electronics Thimbles or Lens Technology (يعني اليڪٽرونڪس اسڪينر Electronics Scanner جي ذريعي آڱرين جي لڪيرن ۽ اک جي تاري تي شناخت ڪري ۽ ووٽ داخل ڪيو وڃي) جنهن لاءِ گڏيل قومن جي اداري کان مدد جي درخواست ڪئي وڃي ۽ اهڙو سافٽ ويئر تيار ڪيو وڃي ته جيئن ووٽ ڏيندڙ پنهنجي موبائل فون تان گهر ويٺي ووٽ ڏئي سگهي. ان سان بيلٽ پيپر جي پرنٽنگ ۽ پيپر، سيڪيورٽي فورسز جو خرچ، ٽرانسپورٽ جو خرچ ۽ وقت ۽ انساني جانيون ضايع ٿيڻ کان بچي وينديون. سياستدانن جو پئسو جيڪي هو وڏا وڏا پينافليڪس يا پوسٽر ڇپرائين ٿا، جنهن جو خرچ وري عوام جي رت ۽ پگهر جي ڪمائيءَ مان ٽيڪس ۽ وڏن بجلي۽ گئس جي بِلن جي صورت ۾ ڪڍيو وڃي ٿو، اهو سڀ ڪرڻ سان عوام کي رليف ملي ويندو، اگر حڪمران 5 سالن جي لائق نه آهن ته ان کي عوامي طاقت ذريعي پنج سال برداشت ڪرڻ بجاءِ ٻن سالن ۾ عوام گهر ويٺي ڪرپشن ۾ ملوث حڪمرانن کي گهر ڀيڙو روانو ڪجي. هر پاڪستاني جي نالي هڪ سم: هر پاڪستاني جي نالي تي فقط هڪ عدد موبائل سم الاٽ ڪئي وڃي ته جيئن نيٽ ورڪ مصروف Network Busy نه ملي، اهو به ان جو اوريجنل شناختي ڪارڊ ڏسڻ کان سواءِ ڪنهن ٻئي فرد، دوست يا ڀاءُ کي به نه ڏني وڃي، جيسيتائين اصل مالڪ کي هٿ ۾ نه ڏني وڃي ۽ ان جو Password فقط اصل مالڪ وٽ هجي ۽ سڀني موبائل فونز ۾ ٽريڪنگ سسٽم ۽ آن لائن رڪارڊنگ جو آپشن پڻ هجي ته جيئن فراڊ ڪندڙشرپسندن جو چهرو واضح طور تي سامهون اچي وڃي، اسان جو نوجوان نسل ٻين فالتو ۽ غير ضروري ڳالهين ڏانهن ڌيان ختم ڪري ترقي ۽ پنهنجي ملڪ جي خدمت لاءِ سوچين. نئين ٽيڪنالاجي لاءِ هڪ نئون پليٽ فارم: پاڪستان جي تمام يونيورسٽيز مان جيڪي Computer Science Technology يا ٻين شعبن ۾ شاگرد ۽ شاگردياڻيون ڊگريون حاصل ڪن ٿا. انهن لاءِ هڪ نئون انهن جي شعبي سان متعلق PlateForm تيار ڪيو وڃي ته جيئن پنهنجي ملڪ لاءِ ڪنهن به قسم جي نئين سافٽ ويئر يا نئين ٽيڪنالاجي ٺهرائڻ لاءِ ٻاهرين ملڪن جي امداد جي آسري تي نه ويهڻ کپي. انصاف سڀني جي پهچ ۾: قبضا مافيا جي خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪري حقيقي وارثن کي ملڪيت واپس وٺرائي ڏني وڃي! انصاف هر امير ۽ غريب جي پهچ ۾ هجڻ کپي، غريب فقط وڪيلن جي فيس ۽ ڪورٽ جي تاريخ ۾ پورا نه ٿي وڃن. حڪومت طرفان جاچ ٽيم تيار ڪئي وڃي ته سرڪاري زمينن جي فقط ڪاغذن ۾ ڪيل نيلامي ۾ خريد ڪندڙن جو رڪارڊ ۽ طئه ٿيل قيمت به عوام آڏو رکي وڃي ته اندازو لڳائي سگهجي ته سنڌ سرڪار جون زمينون ايتريون سستيون آهن! ؟ ڪارو ڪاري انسانيت جا ليڪا لتاڙيندڙ جهالت: ڪارو ڪاريءَ جهڙين انساني ليڪا لتاڙيندڙ جهالت واري رسم کي ختم ڪري نياڻين کي تعليم جهڙي زيور سان مالا مال ڪيو وڃي ۽ انهن کي به پنهنجي ملڪ جي خدمت ڪرڻ لاءِ اڳتي اچڻ ڏنو وڃي، ته جيئن اسان دنيا کي ٻڌائي سگهون ته اسان وٽ هڪ ملاله يوسفزئي نه! پر اسان جي ڌرتيءَ تي لکين ملاله يوسفزئي آهن، جيڪي هن ڌرتيءَ تان پوري دنيا ۾ امن جو پيغام پهچائڻ چاهين ٿا. پاڪستان امن جو پيغام: پاڪستان جي پرچم ۾قدرت، امن ۽ زرعي شادابي جي نشاني واضح آهي، ڇا پاڪستان جو هر هڪ فرد دهشتگرد آهي؟ اگر نه ! ته پوءِ توهان پاڪستان جي ڪهڙي به حصي ۾ ڪرپشن، Criminal Activities جي باري ۾ حد جي ٿاڻي تي اطلاع ڪيو، اگر تڏهن به پوليس نظر انداز ڪري ته پوءِ ٻي صورت ۾ حڪومت پاران Pakistan Complain Box (Online) جهڙو کاتو جوڙيو وڃي، جنهن ۾ عوام جون هر کاتي متعلق شڪايتون ان Complain Box ۾ موڪليون وڃن ۽ ان تي 24 ڪلاڪن جي اندر Action کنيو وڃي. پاڪستان جي عوام شعور ۽ تعليم جي نشاني: پاڪستان ۾ جيڪي به بند اسڪول آهن، جن اسڪولن ۾ استاد غير حاضر آهن يا جن اسڪولن کي جاگيردار، وڏيرا ۽ سرڪاري ڪامورا ”مينهن جو واڙو“ يا اوطاق ڪري ويٺا آهن، انهن جي خلاف ڪارروائي ڪئي وئي وڃي ۽ غير حاضر استادن جي جڳهه تي نوان ميرٽ تي استاد آندا وڃن. جيڪي استاد ٻين پرائيويٽ کاتن سان لاڳاپيل آهن، انهن کي فوري معطل ڪري نوان استاد آندا وڃن ۽ ان عمل ۾ اسان گذارش ٿا ڪريون ته استاد تنظيمون به حڪومت جو ساٿ ڏين. سرڪاري ادارن ۽ خانگي ادارن مان سياسي مداخلت بند ڪئي وڃي: تعليم، سيڪيورٽي ادارن، اسپتالن، پوليس ۽ هر کاتي مان سياسي مداخلت ختم ڪئي وڃي ۽ اهي خود مختيار ادارا ڪيا وڃن، اسپتالن، يونيورسٽين۽ سرڪاري آفيسن مان سياسي بينر، پوسٽر، اسٽيڪر هٽايا وڃن ۽ هر قسم جي سهولت ۽ صفائي جو خاص خيال رکيو وڃي ۽ ايمرجنسي وارڊ ۾ عملو تيار رهي! قانون کان وڌيڪ مريض جي علاج کي ترجيح ڏني وڃي. ميڊيا ۽ حڪومت جو احتساب: پاڪستان جي نجي چئنلن تي ويهي جيڪي سينيئر تجزيه نگار ”اينڪرز پرسن“ چوندا رهن ٿا ته ”احتساب هونا چاهيي“، ”احتساب ضروري هي“، ”احتساب سب ڪا هونا چاهيي“ پاڪستان جي عوام اميد ٿي ڪري ته اسان جا حڪمران ۽ ميڊيا هڪ ٻئي جو احتساب ضرور ڪندا، 2013ع جي اليڪشن ۾ پنن جون ڪنهن ڪيتريون ٻوريون ورتيون ۽ ان جي عيوض ۾ اليڪشن ۾ ٿيل ڌانڌلي کي ڪيئن لِڪايو ويو، اهو به ڪنهن فرد کان لڪل نه آهي. هٿيارن کان پاڪ پاڪستان: پاڪستان جي سڀني سياسي تنظيمن ۽ پاڪستان جي هڪ هڪ فرد وٽ موجود هٿيارن جا لائسنس رد ڪري ۽ هٿيار واپس سرڪار وٽ ضبط ڪيا وڃن ۽ پوءِ نوان ڪمپيوٽرائيزڊ Computerized Weapon License (Sim) الاٽ ڪيا وڃن. تمام پوليس اسٽيشنز جو رڪارڊ آن لائين ڪيو وڃي ته جيئن ڏوهن ۾ ملوث ٻٽي شهريت رکندڙ ”ميرَ جعفر“ جهڙا ماڻهو ملڪ ڇڏي نه سگهن. اگر سچ ۾! هن زمين تي تبديلي چاهيو ٿا ته اسان جو ساٿ ڏيو. Yaqeen_emaan@yahoo
Posted on: Sat, 05 Oct 2013 12:25:28 +0000

Trending Topics



Recently Viewed Topics




© 2015