19 هزار گم ڪنٽينر ۽ امت اخبار جي خبر - TopicsExpress



          

19 هزار گم ڪنٽينر ۽ امت اخبار جي خبر ته مهاجر لبريشن آرمي ۽ سنڌ لبريشن آرمي جي دوستي آهي. ڏسو هاڻي سياسي رخ ڪيئن تبديل ٿيو ۽ ڪنهن تبديل ڪيو. مان شروع ۾ به چيو هو ته نيٽو يعني آمريڪا جا 19000 ڪنٽينر گم ٿين ۽ آمريڪا کي خبر ئي نه پوي؟؟؟ پاڪستان جي 19 هزار ڪنٽينر گم ٿيڻ واري دعويٰ ڪوڙي ٿابت ٿي وئي. آمريڪا پنهنجا 19 هزار هٿيارن سان ڀريل ايساف جا ڪنٽينر ڪراچي پورٽ تان گم ٿيڻ واري ڳالهه جي ترديد ڪري ڇڏي. اسان جا ڪي به ڪنٽينر گم ناهن ٿيا سمورو ڪوڙ آهي: آمريڪا شام تي هرو ڀرو هلان ڪرڻ وارو آمريڪا ايڏو بيوقوف ناهي ۽ آمريڪا جهڙي ضدي ۽ خطرناڪ ملڪ جا ايڏا هٿيار گم ٿين ته هو ان کي ڇڏي ڏيندو؟؟ ممڪن هي آهي ته پاڪستان آءِ.ايس.آءِ اردو آبادي کي خاص طور تي ايم ڪيو ايم کي بدنام ڪرڻ لاءِ هي الزام هنيو ۽ پوري پاڪستان ۾ اهي ئي تبصرا هلندا رهيا ته ايم ڪيو ايم 19000 ڪنٽينر گم ڪري پاڻ وٽ رکيا آهن. اسان ايم ڪيو ايم جي ڪا به وڪالت نه ٿا ڪيون نه ئي هو ايڏا شريف ۽ پاڪ ۽ صاف آهن پر سياست ڪيئن پئي تبديل ٿئي ان لاءِ مان خاص طور سنڌ جي آزادي پسندن لاءِ لکان ٿي ته رياست ٻٽي لڙائي پئي وڙهي . ڊيلي امت ۾ 1 سيپٽمبر تي اها خبر به شايع ٿي ته مهاجر لبريشن آرمي ۽ سنڌ لبريشن آرمي ۾ پاڻ ۾ اندروني دوستي آهي. هي سڀ سياسي حڪمت عملي ان لاءِ ڪئي پئي وڃي ته نه صرف ايم ڪيو ايم کي سياسي طور بدنام ڪيو وڃي ۽ ايم ڪيو ايم کي ڪمزور ڪري مستقبل ۾ ڪراچي جي سياست ۾ ايم ڪيو ايم کي آئوٽ ڪري پنهنجا مهرا آندا وڃن جن مان پاڪستان کي ڪو به خطرو نه هجو. ان سڄي سياسي حڪمت عملي ۾ هڪ 19000 ڪنٽينر جو الزام ايم ڪيو ايم تي ۽ ٻيو ڊيلي امت جي پهرين سيپٽمبر واري خبر ته مهاجر لبريشن آرمي جو سنڌ لبريشن آرمي سان گهاٽو تعلق آهي. ان ٻن بنيادن تي هاڻي رياست پوليس ، رنيجرس ۽ فوج جي ذريعي ڪراچي آپريشن ۾ ايم ڪيو ايم جي هٿيار بندن خلاف آپريشن ڪلين سويپ اپ ڪندا جڏهن ته ڪجهه اهي مذهبي گروپس به صاف ڪيا ويندا جيڪي ڪراچي ۾ پاڪستان لاءِ مٿي جو سور آهن. باقي اهي سڀ مهرا ڇڏيا ويندا جيڪي رياست سان هڪ خاص انڊر اسٽينڊنگ تحت هلي ڪري ڪم ڪندا. ڪراچي آپر يشن جا سنڌ تي ڪهڙا فائدا ۽ نقصان ٿيندا ، ان لاءِ بحث ڪمينٽس ۾ ڪنداسين باقي منهنجي راءِ اها آهي ته امت اخبار ۾ ڇپيل خبر ته مهاجر لبريشن آرمي ۽ سنڌ لبريشن آرمي ۾ پاڻ ۾ اندروني دوستي آهي، اها ڳالهه سنڌ جي آزادي پسندن کي تمام وڏو فائدو ڏيندي جو هو ان کي ٺيڪ ٺاڪ ڪيش ڪرائن ته پوءِ. ڊاڪٽر مديحا هاشمي
Posted on: Thu, 05 Sep 2013 14:36:09 +0000

Trending Topics



Recently Viewed Topics




© 2015