Last Posting About Nationalists قوم پرستن بابت - TopicsExpress



          

Last Posting About Nationalists قوم پرستن بابت آخري پوسٽنگ جڏهن حسن مجتبى بي بي سي اردوءَ ۾ خبر ڏني هئي ته سمورا قومپرست ڀتاخور آهن ته مون شديد احتجاج ڪيو هو ته آخر هن سڀني کي ڀتا خور ڇو سڏيو آهي؟ بعد ۾ مونکي ڪنهن دوست صلاح ڏني ته مان پنهنجي جدوجهد ڪنهن سياسي پليٽ فارم تان ڪريان. جيئن ته مان ڪنهن به سياسي پارٽيءَ جو ميمبر ڪونه رهيو آهيان ۽ پ پ پ وارن بلدياتي نظام تي سنڌ کي سخت ڇيهو رسايو هو، سو مون قومپرستن ڏانهن ڏسڻ شروع ڪيو، پر عملي طرح خبر پئي ته ات به صورتحال بهتر ناهي پر هڪ دوست صلاح ڏني ته مان ڪنهن خاص قومپرست پارٽيءَ ۾ شامل ٿيان جيڪا هٿياربند جدوجهد ۾ ايمان رکي ٿي جڏهن ته مان قلم جي سگھه تي ايمان رکان ٿو ته قلم اڄ به تلوار (ڪلاشنڪوف) کان سگهارو آهي، سو مان ڪنهن به پارٽيءَ ۾ شامل ڪونه ٿيس. مون قومپرستن کي نيڪ نيتيءَ سان مشورا ڏنا آهن ته هو پنهنجون مکيه خاميون دور ڪن ته جيئن اسان جهڙا ڪيترا دوست، سندن پارٽين ۾ شامل ٿي سگھن. پر افسوس ته اهي دوست نيڪ نيتيءَ سان ڏنل مشورن جو غلط مطلب وٺن ٿا ۽ پنهنجي دنيا کان ٻاهر نڪرڻ لاءِ تيار ناهن. تنهن ڪري مون فيصلو ڪيو آهي ته آئيندي اهڙن سنڌي قوم پرستن کي ڪوبه مشورو ڪونه ڏبو جن کي مشوري جي ضرورت ناهي، سو قومپرستن بابت هيءُ منهنجي آخري پوسٽنگ آهي. پر جيڪڏهن ڪو وڏو الزام مڙهيو ويو يا بدتميزي ڪئي وئي ته ان صورت ۾ جواب جو حق محفوظ رکان ٿو. بهرحال، قومپرستن بابت هيءَ منهنجي آخري پوسٽنگ آهي. (محمد خان سيال / 25 نومبر 2013) .....................
Posted on: Mon, 25 Nov 2013 12:30:20 +0000

Trending Topics



Recently Viewed Topics




© 2015