اسرائيل ۽ پنجابي پنجابين ۽ پٺاڻن جو - TopicsExpress



          

اسرائيل ۽ پنجابي پنجابين ۽ پٺاڻن جو وس هجي ته هو سڀ اسرائيل به وڃي ملڪيتون ۽ گهر وٺي رهن ها پر پاڪستاني سرڪار جي پاسپورٽ تي لکيل آهي ته هن پاسپورٽ تي توهان اسرائيل نه ٿا وڃي سگهو. غلام سنڌي قوم کي اسرائيل سان ڪهڙي به قسم جي نفرت نه ڪرڻ گهرجي ڇو ته جڏهن به پاڪستاني فوج اسرائيل سان سفارتي تعلقات رکيا ته هو سنڌي قوم کان پڇندا به ڪو نه. ان ڪري سنڌي قوم کي ڪڏهن به پنجابين جي هشين ۽ حوالن تي اسرائيل سان ڪنهن به قسم جي نفرت نه ڪرڻ کپي. اسرائيل هڪ ملڪ آهي. هڪ اڻٽر حقيقت آهي جنهن سان ڪافي عرب پاڙيسري ملڪن جا سفارتي تعلقات آهن. ڪرنل قذافي ته آخر ۾ اسرائيل کان به مدد گهري ته هو سڀ ڪجھ ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي پر سندس حڪومت نه ڪيرائي وڃي. خدارا سنڌي قوم کي پاڪستاني ۽ يا ٻئي ڪنهن ملڪ جي ڳالهين ۾ اچي ڪري اسرائيل سان نفرت جا جذبا نه ڏيکارڻ گهرجن.( سارنگ 2013 آڪٽوبر 18 آمريڪا)
Posted on: Fri, 18 Oct 2013 02:11:27 +0000

Trending Topics



Recently Viewed Topics




© 2015