اها مسلم ليگ ئي هئي ، جنهن پوري ڀارت - TopicsExpress



          

اها مسلم ليگ ئي هئي ، جنهن پوري ڀارت جي وحشي ٽولن کي سنڌ ۾ وسايو ، اها مسلم ليگ ئي هئي ، جنهن 1948 ع وارو پورو سال ، ڪراچي ، حيدرآباد ، سکر ، نواب شاهه ، لاڙڪاڻي ، شڪارپور ۽ ميرپور خاص سميت پوري سنڌ ۾ سرڪاري سرپرستيءَ هيٺ ورهاڱي دوران ڀارت لڏي نه ويل سنڌي هندن جو قتل عام ڪرايو ، اها مسلم ليگ ئي هئي جنهن سنڌي دادين ۽ عاملياڻين جي عصمتن جون چوليون ليڙون ليڙون ڪرايون ، ۽ سنڌي هندن کان زوريءَ پنهنجا جُهڳا خالي ڪرائي سندن سموريون ملڪيتون ، يوپي، سي پيءَ جي وحشي ٽولن حوالي ڪيون ، اها مسلم ليگ ئي هئي ، جنهن سنڌين جا وڏا شهر ۽ وسيلا ڀارت جي ڀاڄوڪڙن حوالي ڪري ڌرتيءَ ڌڻين جي پيرن هيٺان زمين کسڪائڻ شروع ڪئي ، ملڪ ٺهڻ جي شروعات ۾ مسلم ليگ جون سموريون حڪمت عمليون ، سنڌين کي ريڊ انڊين بڻائي ، مٿن حاڪميت جو حق ، ڀارت مان آيل جاهل جانورن جي حوالي ڪرڻو هو ، ۽ مسلم ليگ اهو سڀ ڪجهه ڪري ڏيکاريو .
Posted on: Tue, 06 Aug 2013 10:59:50 +0000

Trending Topics



Recently Viewed Topics




© 2015