اڄڪلهه ملڪ اندر صدارتي چونڊن جو - TopicsExpress



          

اڄڪلهه ملڪ اندر صدارتي چونڊن جو ملاکڙو شروع ٿي چڪو آهي ان ۾ ڌرين جي ويڙهه ڪا نئين ڳالهه ناهي جو عوام حيرت کائڻ لڳي جو ملڪ جي سياسي اقتداري اسٽيج تي ٻئي مخلوق اچي وئي هجي. جيڪو ڪجهه ٿئي پيو اهو سڀ اڳ به ائين ئي ٿيندو رهيو آهي جڏهن به ڪا سياسي ڌر اقتدار ۾ هوندي آهي ان جا عمل مخالف ڌر کي غير جمهوري ڏسڻ ۾ ايندا آهن ۽ اقتدار جي ڪرسي تي جهوليندڙ ڌر پنهنجي هر عمل کي جمهوريت جي فيوي ڪول سان ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪندي آهي. ان ڪري عوام کي صدارتي چونڊن ۾ هلندڙ ويڙهه تي تعجب ۽ حيرت ناهي نه ئي وري سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عوام کي ڌچڪو رسيو آهي. سپريم ڪورٽ جو سافٽ ڪارنر مسلم ليگ ن ڏانهن پهرين ڏينهن کان وٺي آهي هينئر تائين سپريم ڪورٽ مسلم ليگ ن جي حڪومت خلاف ڪو به پاڻمرادو نوٽس ورتو ناهي جڏهن چيف جسٽس افتخار چوڌري پاڻ چيو هو ته بلوچستان جي حڪومت ناڪام ٿي چڪي آهي. ٻئي پاسي پنجاب جي صوبائي حڪومت جيڪو وڻي اهو ڪندي پئي اچي. سپريم ڪورٽ ڪنهن جي ڌر ۽ ڪنهن جي ڌر ناهي اهو سڀ عوام جي اڳيان ظاهر ٿي چڪو آهي. سپريم ڪورٽ جيڪڏهن صدارتي چونڊن ۾ ريورس گيئر هڻي تاريخ کي پٺتي ڪري ٿي ۽ ان جو سڌو سنئون فائدو مسلم ليگ ن کي پهچي ٿو شايد سپريم ڪورٽ جي نظر ۾ اهو ئي عمل آئيني ۽ قانوني هجي. اسان جي پياري ملڪ ۾ ڪڏهن آئين ۽ قانون جي بالادستي لاءِ ڪم ٿيو آهي جو هاڻي صدارتي چونڊن تي ماتم ڪجي چئجي ته هاءِ گهوڙا اسان سان قهر ٿي ويو، هونءَ به صدارتي چونڊن ۾ مسلم ليگ ن کٽندڙ آهي ان کي ٽف ٽائيم ملي ها جيڪڏهن مخالف ڌر جون پارٽيون هڪ ٽيبل تي گڏ ٿي ۽ گڏجي ڪو هڪ اميدوار اڳتي آڻين ها. مخالف پارٽين کان اهو ڪم نه ٿي سگهيو. پيپلز پارٽي جي صدارتي چونڊن ۾ بائيڪاٽ ڪرڻ کانپوءِ سينيٽ جي 60 سيڪڙو ووٽ نه ڏنا ويندا رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته” پيپلزپارٽي ۽ ان جي اتحادين پاران صدارتي چونڊ جي بائيڪاٽ ڪري صوبن کي برابر حيثيت ڏيندڙ ايوان بالا سينيٽ ۾ لڳ ڀڳ 60 سيڪڙو ميمبر ووٽ جو حق استعمال نه ڪندا.“ جيڪو يقينن مسلم ليگ ن حڪومت جي ناڪامي ثابت ٿيندي ته انهن جي جمهوري حڪومت ۾ 60 سيڪڙو ووٽ صدارتي چونڊن دوران درج نه ٿيا. بائيڪاٽ ڪندڙ پارٽين ۾ بي اين پي، اي اين پي ۽ ق ليگ شامل آهن. جيڪڏهن مسلم ليگ ن کي تاريخ تبديل ڪرائڻي ئي هئي ته ان لاءِ پهرين سياسي پارٽين سان رابطو ڪيو وڃي ها ان جي ابتڙ سپريم ڪورٽ ڏانهن پير کڻڻ ۽ سپريم ڪورٽ هڪ ئي جهٽڪي ۾ فيصلي ڏئي ڇڏيو پوءِ ان تي اعتراض اُٿندا جيتوڻيڪ مسلم ليگ ن ئي صدارتي چونڊن ۾ سرسي حاصل ڪري سگهي ٿي ۽ متحده جو پتو انهن جي کيسي ۾ موجود آهي ڇاڪاڻ جو متحده پيپلز پارٽي سان ڇا لاءِ شامل ٿيندي؟ جڏهن متحده کي مسلم ليگ ن سنڌ ۾ گورنري راڄ ڏئي ۽ لنڊن ۾ الطاف حسين تي هلندڙ انڪوائري کي ٿڌو ڪرائي ڇڏي ته پوءِ پ پ پارٽي جي ڪهڙي ضرورت پوندي. اسان مسلسل هن ئي سيشن ۾ لکندا آياسين ته متحده جو پتو مسلم ليگ ن جي هٿن ۾ آهي جيڪو اصل وقت اچڻ تي کلندو. صدارتي چونڊن کان پوءِ سنڌ ۾ گورنر راڄ لڳي سگهي ٿو ان ۾ وقت لڳندو پر ان خدشي کان منهن نه ٿو موڙي سگهجي. ملڪ جي صدارتي چونڊن ۾ پي ٽي آءِ 100 سيڪيڙو پ پ پارٽي سان متفق آهي پر اهي ميدان نه ڇڏيندا جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ عمران خان اي پي سي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ کي ترجيع ڇو نه ٿو ڏي ان لاءِ نواز شريف، پرويز ڪياني ۽ پنهنجي وچ ۾ ميٽنگ ڇو ڪرڻ لاءِ چيو؟ جمهوري عمل ۾ ميدان نه ڇڏڻ گهرجي پوءِ اي پي سي ۾ شرڪت ڪرڻ گهرجي. پيپلز پارٽي بائيڪاٽ ذريعي سپريم ڪورٽ ۽ مسلم ليگ ن جو هڪ ٻئي طرفان سافٽ ڪارنر کي دنيا آڏو واکو ڪري پئي ۽ يقينن ان سان پ پ پارٽي ڪنهن حدتائين مضبوط مخالف ڌر طور ٿي اڳيان ايندي ڇو جو بائيڪاٽ واري عمل کان پوءِ 60 سيڪيڙو ووٽ درج نه ٿيندا. مسلم ليگ ن کي ان جي پرواهه ناهي ته مخالف ڌر ڇا پئي سوچي؟ انهن کي صدارتي ڪرسي تي پنهنجو ماڻهو رکڻو آهي. ان ۾ متحده جو ساٿ اهميت وارو آهي. متحده کي مسلم ليگ ن وري اقتدار جو برگر آڇيو آهي. هاڻي متحده مسلم ليگ ن سان ڪهڙو رويو اختيار ڪندي پر ان کان پهرين پ پ پارٽي کي سوچڻ گهرجي ته صدارتي چونڊن جي ڪرسي هٿن مان هلي وئي ڪٿي سنڌ جو اقتدار به هٿن مان کسيو نه وڃي.
Posted on: Sun, 28 Jul 2013 15:18:41 +0000

Trending Topics



Recently Viewed Topics




© 2015