حسام ميمڻ 30 سيپٽمبر 2013 اندرين ۽ - TopicsExpress



          

حسام ميمڻ 30 سيپٽمبر 2013 اندرين ۽ ٻاهرين سنڌ Interior & Exterior Sindh ================ اميد ته ڄاڻو دوست ٻڌائيندا ته Interior جو ضد Exterior آهي ۽ هي جيڪي ماڻهو Interior Sindh جو راڳ آلاپن ٿا ته ان سنڌ جو ڇا مقصد آهي ۽ ان جي ضد طور ڇا ڪير اهو به ٻڌائيندو ته جيڪڏهن Interior Sindh آهي ته پوءِ Exterior Sindh به هوندي، جيڪڏهن ائين آهي ته اسان کي ٻڌايو وڃي ته اها Exterior Sindh ڪٿي آهي ۽ ڪهڙي آهي؟ جاگرافيءَ جي حوالي سان سرو، وچولو ۽ لاڙ ته پڙهيو آهي پر تاريخ جي ڪتابن ۾ مان اڃا تائين Interior يا Exterior سنڌ ناھي پڙهيو،جيڪڏهن اها شيءِ ناهي ته ان شيءِ کي رد ڏيڻ گهرجي. ياد رهي ته سنڌي اخبارون به ڪڏهن ”اندروني سنڌ جون خبرون“ لکنديون هيون، ۽ ڪاوش جي ويب تي به اهو لکيل هوندو هيو (لنڪ هوندي هئي)، جنهن کي تبدلي ڪري پوءِ ”سنڌ جون خبرون“ ڪيو ويو
Posted on: Mon, 30 Sep 2013 18:07:35 +0000

Trending Topics



Recently Viewed Topics




© 2015