سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چئرمين ڊاڪٽر - TopicsExpress



          

سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته هن هندو سنڌ جا اصلي وارث آهن، ايس ٽي پي ڪنهن به صورت ۾ هندن کي اڪيلو نه ڇڏيندي، سنڌ کي انارڪي ۽ مذهبي انتهاپسندي جي ور چاڙهيو پيو وڃي، هن چيو ته سنڌ حڪومت سنڌ ۾ امن امان قائم ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي ويئي، ڌرمشالا جي مرمت لاءِ سندن ڪميٽي وٽ الاهي فنڊ موجود آهي، حڪومت صرف ذميوارن کي ڳولي سزائون ۾ ڏيڻ ۾ دلچسپي وٺي. هن چيو ته لاڙڪاڻي ۾ جيڪڏهن هندو ۽ سندن عبادتگاهون محفوظ نه ٿيون ڪري سگهجن ته پوءِ سڀاڻي اها وبا لاڙڪاڻي جي ڪيترن ئي تاريخي ماڳن کي وڪوڙي ويندي ان باهه کي روڪڻ لاءِ پ پ پ سرڪار سنجيدگي سان سوچي. اسان سنڌ دشمن عناصرن کي ڪنهن به صورت ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، هن هندن جي ڌرمشالا ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته هن واقعي جي جڊيشل انڪوائري ڪرائي وڃي ۽ ذميوارن کي عبرتناڪ سزا ڏني وڃي ۽ مستقبل ۾ ڪنهن کي به اهڙو ڪڌو عمل ڪرڻ جي جرئت نه ٿئي. ان موقعي تي هن هڪ صحافي جي سوال تي چيو ته جي يو آءِ جي اڳواڻ خالد محمود سومري سان فون تي ڳالهه ٿي هن ٻڌايو ته جي يو آءِ ان واقعي ۾ ڌر ناهي، باقي جيڪي به اهلڪار ملوث آهن انهن کي ڪيفر ڪردار تي پهچائڻ ۾ هر ممڪن مدد ڪنداسين. ڌرمشالا ۾ ٿيل نقصان جو جائزو وٺندي چيو ته هندو پاڻ کي ڪنهن به احساس محرومي ۾ نه رکن ايس ٽي پي جا ورڪر سڄي سنڌ ۾ سندن هر ممڪن مدد ۽ تحفظ ڏيڻ لاءِ تيار آهن، هن چيو ته هندن برادري سنڌ کي پنهنجي ماءُ سمجهي ۽ ننڍي وڏي ڳالهه دبئي، انڊيا آمريڪا جي ٽڪيٽ وٺي سنڌ ڇڏڻ جو رواج ختم ڪيو وڃي، ڌرمشالا جي اڳواڻ ديدي ڪلپنا ديوي لڙڪ هاريندي چيو ته هي خدا جو گھر آهي اسان هتي ڪنهن به طالبان کي ٽريننگ يا دهشتگرد کي تيار نه ڪندا آهيون پر صرف روحاني سڪون حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي مذهب جون ريتون رسمون ادا ڪندا آهيون پوءِ هيڏو هاڃو ڇو ڪيو ويو آهي اسان سان؟ هن چيو ته اسان کي زوري سنڌ مان لڏائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي اسان سنڌ دشمنن کي ٻڌائڻ ٿا چاهيون ته سنڌ تي اسان جو اوتروئي حق آهي جيترو ڊاڪٽر قادر مگسي، اياز پليجو، جلال محمود شاهه، بلاول ڀٽو يا ڪنهن ٻئي سنڌي جو ان ڪري اسان ڪڏهن به سنڌ نه ڇڏينداسين هتي ئي جيئنداسين ۽ هتي ئي مرنداسين Dr Qadir Magsi - Official, Qadir Sarki, Abdul Qadeer Memon, Safeer E Hussaini, Roshan Birahmani, Sindh Taraqi Passand Party (STP), Yasmeen Balouch, Indira Poonawala, Dilip Kumar Doultani, Vena Malik, Najma Shaikh, Arfana Mallah, , Amar Sindhu, Amar Jaleel, Naseer Memon, Zulfiqar Halepoto, Humera Alwani, Marvi Memon, Syeda Marvi Rashdi, Benazir Bhutto, Bahar Laghari, Ali Hassan Mallah, Muhammad Mukeem Soomro, Comrade Sobho Gianchandani
Posted on: Mon, 17 Mar 2014 17:22:39 +0000

Trending Topics



Recently Viewed Topics




© 2015