شهيد بشير قوريشي ۽ اوهان جا ليڊرَ - TopicsExpress



          

شهيد بشير قوريشي ۽ اوهان جا ليڊرَ اوهان بشير قريشيءَ تي سياسي تنقيد ڪريو ڀلي ڪريو جيتري به ڪريو بشير قريشيءَ جا سايسي ڪارڪن اوهان کي ڪڏهن به ذاتي بيهودهه ٻوليءَ جو ورتاءُ نه ڪندا ، ها باقي مهذب نموني سان سمورن سياسي بهتانن ۽ تنقيدن جو جواب اسان جو جهموري حق آهي پهريان ته بشير قريشيءَ جي سياسي صف ۾ بيهارڻ لاءَ اوهان پنهنجي اڳواڻن جي شخصيت کي ان لائق ته بڻايو ، جو اهي بشير قريشيءَ جي سياسي زندگي ته ڇا رڳو بشير قريشيءَ جهڙي شهادت کين نصيب ٿئي تڏهن به اسان انهن کي سرخ سلام پيش ڪنداسين بشير قريشِي رُڳو هڪ شخص نه پر پنهنجي وجود ۾ هڪ مُلڪ هو ، جيڪو جيئرو هو تڏهن به سنڌوديش هيو ۽ شهيد ٿيڻ کانپوءَ به سنڌوديش رهيو هو جيڪو هماليا ۽ کيرٿر جي پهاڙن جو سلسلو هو ۽ جيڪو جڏهن به ڪراچيءَ جي ڪشادن رستن تي رياست کي للڪاريندي لکين سنڌي قوم جي هجومن سان لنگهيو آهي ته ان جي وک وک تي هن ملڪ جي واڳ ڏڻين ، جرنل ڪرنل ۽ وردي وارن جا ۽ سنڌ جي سمورن غدارن جا غرور پرزا پُرزا ٿيندا رهيا اوهان جي ليڊرن جي سموري بهادري ، دليري، عقل ،علم ،دانش ، ڪتابن ۽ ڏاهپن کان وڌيڪ بشير قريشيءَ جي اها چُمي پُر اثر رهي آهي جيڪا هن سنڌ جي نوجوانن جي ڳلن تي ۽ ننڍڙن ٻارن جي چهرن تي محبوبن وانگر ڏيندو رهيو ، ڇو ته اُن چُميءَ ۾ ” سچ ۽ سنڌ “ سمايل هئي جيڪا ان اظهار سان منتقل ٿيندي هئي بشير قريشي جيڪو راڄ جو راڻو هو ، جنهن جي ٻانهن ۾ جڏهن به ڪا سنڌ جي جيجل ”امام ضامن“ ٻڌندي هئي ته ائين چوندي هئي ته ، ” هيءُ امام ضامن مون سنڌ جي ٻانهن ۾ سنڌي قوم جي حفاظت لاءَ ٻڌو آهي“ . اهو صدرو پٽ بشير قريشي جنهن جڏهن به سنڌ جي ڪنهن نياڻيءَ جي مٿي تي شفقت جو هٿ رکيو ته ڪجهه دير لاءَ ان نياڻيءَ کي ائين محسوس ٿيندو هو ”ڄڻ هوءَ قدرت جي پناهه ۾ اچي وئي آهي “ بشير قريشي جيڪو ڀٽائي جو پهريون ۽ آخري سورمو آهي جيڪو ان وقت کان ڪراچيءَ ۾ گهر ٺاهي ويهي رهيو جنهن وقت کان ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ جو ڌمڪيون ۽ دهمان ملڻ لڳا ۽ اوهان جي ليڊرن قاسم آباد جي گهٽين ۾ ڪُڪڙن جي ويڙهه وانگر سياست ڪندا رهن ٿا وقت اچي ويو آهي ته اوهان پنهنجي ليڊرن کي سچ ۽ سنڌ ياد ڏياريو ، سنڌ ملڪ جي مڪمل آزادي ياد ڏياريو ، ڪراچيءَ ۾ وڃي مستقل رهائيش اختيار ڪرڻ ياد ڏياريو ، جي ائين نه ٿا سهگيو ته پوءَ انهن جو انجام به ممتاز ڀٽي جهڙو ٿيندو جيڪو ڪنهن وقت ۾ سنڌ جو ڏهيسر سڏجندو هو فياض خاصخيلي
Posted on: Sat, 07 Sep 2013 08:19:44 +0000

Trending Topics



For the fact is that a person can embrace the Buddha’s
Para todos los que no conocieron a mi viejo, el era una persona
Havent done BGs in a while. My max BG level is 37. Decided to
Wow! Have we ever enjoyed the explosion of pictures as we lead up
zbhcxWukaw9xH9ku

Recently Viewed Topics




© 2015