محترم اياز لطيف پليجي ڏانهن کليل - TopicsExpress



          

محترم اياز لطيف پليجي ڏانهن کليل خط محترم اياز لطيف پليجو صاحب، اڄ اوهان جو فيس بوڪ تي ميسيج نظر آيو جنهن ۾ اوهان ڄاڻايو آهي ته مليشيا جي گاديءَ واري شهر ڪوالالمپور ۾ وڻندڙ موسم آهي ۽ اوهان پُر فضا هنڌ بالي (انڊونيشيا) گھمڻ لاءِ وڃي رهيا آهيو. سائين، سنڌ جي ماڻهن کي ته اوهان مان اها جائز اميد هئي ته هڪ اهم سياسي قومپرست سنڌي اڳواڻ جي حيثيت ۾، سنڌ اندر ٻرندڙ مسئلي يعني لياريءَ ۾ بندش پيل امن ڪاميٽيءَ (گينگ وار مافيا) هٿان پر امن سنڌي ڪڇين جي قتلام ۽ انهن جي زوري لڏ پلاڻ بابت پنهنجو موقف چٽو ڪندا ۽ سنڌي عوام کي گائيڊ ڪندا پر اوهان ته مليشيا جي وڻندڙ موسم جو ذڪر ڪيو آهي ۽ انهيءَ ٻرندڙ مسئلي تي هيلتائين هڪ اکر به نه ڳالهايو آهي (گھٽ ۾ گھٽ منهنجي ڄاڻ موجب). اوهان کي ته اها خبر هوندي ته ڪڇين، گذريل ۽ ان کان اڳ ٿيل مردم شماريءَ ۾ پاڻ کي سنڌي لکرايو هو. سائين، مون کي به مليشيا 3 / 4 ڀيرا گھمڻ جو موقعو مليو آهي، خوبصورت ڪوالالمپور ۾ ته انٽرنيٽ سميت هر قسم جون جديد سهوليتون عام آهن. انٽرنيٽ سبب دنيا جي ڪنهن به حصي ۾ ٿيندڙ ڪو واقعو پل کن ۾ ساري دنيا ۾ پهچي وڃي ٿو. هونئن به هڪ سياسي ليڊر کي، پنهنجي سر زمين کان پري رهڻ جي باوجود، پنهنجن ماروئڙن سان هر وقت رابطي ۾ رهڻو آهي ۽ ان جي اهنجن ۽ ايذائن کان اکيون بند ڪرڻيون ناهن. سائين، منهنجي راءِ ۾ اهو ته ممڪن ئي ڪونهي ته اوهان لياريءَ ۾ بي گناهه سنڌين جي قتلام ۽ سندن لڏپلاڻ جي باري ۾ هيلتائين بي خبر هجو. مان نهايت ئي عزت ۽ احترام سان اوهان کي گذارش ڪريان ٿو ته لياريءَ ۾ سنڌين جي ٿيندڙ قتلام ۽ لڏپلاڻ جي باري ۾ اوهان پنهنجو چٽو موقف بيان ڪري، سنڌ جي عوام کي گائيڊ ڪندا ۽ لياريءَ جي هزارين ڏتڙيل سنڌين جي ترت واهر ڪرڻ لاءِ پنهنجي پارٽيءَ کي اهڙيون هدايتون جاري ڪندا. سائين، سنڌين جي زندگي ۽ موت وارن مسئلي تي، اوهان جي لاڳيتي خاموشي، اوهان سميت سنڌي قومپرستن خلاف وڌيڪ غلطفهميون پيدا ڪندي جنهن جو ازالو ڏکيو ٿي پوندو. اوهان جي چٽي راءِ جو سنڌ جي عوام کي شديد انتظار آهي ۽ رهندو. عزت ۽ احترام سان: محمد خان سيال، ڪراچي، سنڌ، ڪالمسٽ آچر 14 جولاءِ، 2013.
Posted on: Sun, 14 Jul 2013 16:35:16 +0000

Trending Topics



Recently Viewed Topics




© 2015