پاڪستان ۾ شامل ٿيندڙ قومن سان ڪيل - TopicsExpress



          

پاڪستان ۾ شامل ٿيندڙ قومن سان ڪيل واعدا محسن ٻٻر چوڌري رحمت علي ۽ سائين جي ايم سيد عملي طور تي پاڪستان جي قيام ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو، فرق صرف ايترو هو ته اهي ٻئي اڳواڻ انگريز اسٽيبلشمينٽ، سندن ساٿارين، وڏيرڪي، نوابي ۽ جاگيردار ٽولي جي طريقيڪار ۽ سوچ سان سخت اختلاف رکندا هئا. سائين جي ايم سيد هندستان يا پوءِ واري پاڪستان ۾ صوبن يا يونٽن جي آزاد ۽ خودمختيار حيثيت لاءِ ڪوششون ڪري رهيو هو، جڏهن ته چوڌري رحمت علي گهڻي قدر ٻه قومي نظرئي کي حقيقي روپ ڏيڻ ۾ رڌل هو. انهن ٻنهي جي پاڪستان جي قيام جي ڪردار ۽ ڪوششن جي حوالي سان تاريخ جا ڪجهه ورق اٿلائڻ کان اڳ درست تاريخ پيش ڪرڻ سميت اچو ته 23 مارچ جي ٺهراءُ متعلق اوهان سان ڪجهه ويچار ونڊيون. 1940ع جي لاهور ٺهراءُ وارو پاڪستان مسلم ليگ جي نمائنده فورم جنرل ڪائونسل جي ان ٽن ڏينهن واري اجلاس (22 کان 24 مارچ) ۾ لاهور ٺهراءُ تي در حقيقت 24 مارچ تي صحيحون ڪيون ويون پر يوم پاڪستان سرڪاري طور تي 23 مارچ تي ملهايو ويندو آهي. انهيءَ جو سبب جيڪو به هجي، ان ٺهراءُ کي بعد ۾ مسلم ليگ جي آئين جو حصو بنايو ويو. لاهور ٺهراءُ ۾ پاڪستان يا ”مسلمان قوم“ لاءِ ڪنهن ڌار ملڪ جو لفظ ڪٿي به استعمال ناهي ڪيو ويو ۽ ان ۾ واضح طور تي چيو ويو آهي ته : "That adequate, effective and mandatory safeguard shall be specifically provided in the constitution for minorities in the units and in the regions for the protection of their religious, cultural, economic, political, administrative and other rights of the minorities." 1933ع ۾ پاڪستان جو نالو تجويز ڪرڻ بعد ان وقت جي متعصب پريس جيتوڻيڪ پاڪستان جي نظرئي تي تمام گهڻي واويلا ڪئي پر مسلم ليگ ڪڏهن به چوڌري رحمت علي جي مالڪي نه ڪئي. ايستائين جو مسلم ليگ جي لاهور ٺهراءُ ۾ به لفظ پاڪستان لکڻ کان ڪيٻايو ويو. ان ٺهراءُ ۾ هندستان جي آئين ۾ اقليتن (مسلمانن) جي حقن جي تحفظ جي گهُر ڪئي ويئي هئي. لاهور ٺهراءُ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته: "No constitutional plan would be workable or acceptable to the Muslims unless geographical contiguous units are demarcated into regions which should be so constituted with such territorial readjustments as may be necessary. That the areas in which the Muslims are numerically in majority as in the North-Western and Eastern zones of India should be grouped to constitute independent states in which the constituent units shall be autonomous and sovereign." هن ٺهراءُ ۾ جتي لفظ States (رياستون) ڏنل آهي، انهيءَ کي بعد ۾ تبديل ڪري زوريءَ State (رياست) پڙهايو ويو ۽ چيو ويو ته اها ٽائپنگ جي غلطي هئي. ڇا محمد علي جناح جهڙو ڏاهو ۽ پڙهيو لکيو ماڻهو اهڙي غلطي ڪري پئي سگهيو؟ انهي ٺهراءُ کي ٽائپ ڪندڙ جناح جو سيڪريٽري اهڙي قسم جي ڪنهن به غلطي ڪرڻ جي ڪئين ڀيرا ترديد ڪري چڪو آهي. بعد ۾ مسلم ليگ جي اسٽيبلشمنٽ يعني لياقت علي خان گروپ 1946ع ۾ ٿيندڙ 500 ماڻهن جي پارلياماني پارٽيءَ جي اجلاس ۾ 5 لک ماڻهن کان منظوري ورتل ٺهراءُ کي تبديل ڪرائي ڇڏيو. پارٽيءَ جي جنرل ڪائونسل جي اجلاس ۾ آزاد ۽ خودمختيار يونٽن بابت ورتل منظوريءَ کي پارلياماني پارٽيءَ جي اجلاس رد ڪري ڇڏيو. اهو پاڪستان ٺهڻ کان اڳ عوامي مينڊيٽ تي پهريون راتاهو هو. چوڌري رحمت علي جو پاڪستان اسان اوهان سڀني کي پڙهايو ويو آهي ته پاڪستان جو لفظ پهريون ڀيرو ڪيمبرج مان تعليم يافته هڪ نوجوان چوڌري رحمت علي متعارف ڪرايو. ظاهر آهي ته پاڪستان رڳو هڪ لفظ ته نه پر هڪ نظريو هو. 28 جنوري 1933ع تي ٿيندڙ هڪ گول ميز ڪانفرنس دوران بي اي جو تازو امتحان ڏيندڙ چوڌري رحمت علي”پاڪستان ٺهراءُ“ جي نالي سان هڪ پمفليٽ پيش ڪيو. ”اڄ نه ته ڪڏهن به نه ـ اسان کي جيئرو رهڻو آهي يا سدائين لاءِ ختم ٿي وڃڻو آهي؟“ جي عنوان هيٺ پيش ٿيندڙ هن ٺهراءُ جو مرڪزي متن هن ريت هو: "At this solemn hour in the history of India, when British and Indian statesmen are laying the foundations of a Federal Constitution for that land, we address this appeal to you, in the name of our common heritage, on behalf of our thirty million Muslim brethren who live in PAKSTAN - by which we mean the five Northern units of India, Viz: Punjab, North-West Frontier Province (Afghan Province), Kashmir, Sind and Baluchistan – for your sympathy and support in our grim and fateful struggle against political crucifixion and complete annihilation ." ڇاڪاڻ ته ان مهل انگريز هندستان جو نئون آئين جوڙي رهيا هئا، تنهن ڪري چوڌري رحمت علي پاڪستان نيشنل موومينٽ نالي هڪ تحريڪ جي شروعات ڪئي، جنهن ۾ گهُر ڪئي پئي ويئي ته جڙندڙ نئين انڊين فيڊريشن ۾ مٿي ڄاڻايل مسلم رياستن کي گڏائي هڪ آزاد ۽ خود مختيار رياست جي حيثيت ڏني وڃي. اهو نئون آئين بعد ۾ انڊيا ايڪٽ 1935ع جي نالي سان منظور ڪيو ويو، جنهن ۾ سنڌ کي بمبئي کان ڌار ڪيو ويو ۽ سنڌ هڪ ڌار يونٽ جي حيثيت ۾ نروار ٿي. چوڌري رحمت علي جي پمفليٽ ۾ واضح طور تي لفظ ”رياستون“ نه پر ”رياست“ استعمال ڪيل هو. ان جي ابتڙ لاهور ٺهراءَ ۾ لفظ ”رياستون“ ڏنو ويو هو. هو پاڪستان جي حوالي سان تمام واضح موقف رکندڙ ماڻهو هو. اهڙو ٺهراءُ پيش ڪرڻ کانپوءِ چوڌري رحمت علي کي سندس پمفليٽ جي تائيد ڪرڻ لاءِ ماڻهو نه ملي رهيا هئا، ڇاڪاڻ ته جناح صاحب ۽ ٻيا مسلم ليگي ۽ ڪانگريسي مسلمان اڳواڻ اهڙي سوچ کي اپنائڻ لاءِ تيار نه هئا. چوڌري رحمت علي جو خيال هو ته مسلم ليگي ۽ ڪانگريسي مسلمان ”سچا هندستاني قومپرست“ آهن. هڪ مهيني جي محنت کان پوءِ چوڌري رحمت علي کي رڳو ٽي ماڻهو محمد اسلم خٽڪ، صاحبزاده شيخ محمد صادق ۽ عنايت الله خان ملي سگهيا، جن ”چوڌري رحمت علي جي پاڪستان“ جي حمايت ڪئي. ارادي تي اٽل هي ارڏو نوجوان پنهنجي پاڪستان ٺاهڻ واري موقف تي بيٺو رهيو. پاڪستان جو ٺهراءُ پيش ڪرڻ کانپوءِ پنهنجي تعليم ۽ سياسي سرگرمين جي حوالي سان سموري دنيا جا دورا ڪندو رهيو. برطانيه، آمريڪا، جاپان، هانگ ڪانگ، سري لنڪا ۽ ٻين ملڪن توڙي سموري هندستان ۾ پاڪستان نيشنل موومينٽ لاءِ راهه هموار ڪندو رهيو. چوڌري رحمت علي فيبروري 1940ع ۾ ڪراچي پهتو ۽ رٿا جوڙيائين ته هو لاهور ۾ 22 کان 24 مارچ تي ٿيندڙ مسلم ليگ جي جنرل ڪائونسل جي اجلاس دوران پنهنجي موقف جي حق ۾ راهه هموار ڪندو ۽ مسلم ليگين کي پنهنجي ”پاڪستان“ لاءِ قائل ڪندو. حيران ڪندڙ ڳالهه اها آهي ته پاڪستان جي قيام جي واضح طور ڳالهه ڪندڙ چوڌري رحمت علي کي مسلم ليگي قيادت تڏهوڪي انگريز اسٽيبلشمينٽ سان گڏجي لاهور اچڻ کان روڪيو ۽ هن تي سرڪاري طور تي پابندي وڌي ويئي. هن کي خبر هئي ته مسلم ليگ جي جنرل ڪائونسل جي اجلاس ۾ پاڪستان جي ”رياست“ جي قيام بدران هندستان ۾ ”خودمختيار رياستن“ جي قيام جي ڳالهه ڪئي ويندي. چوڌري رحمت علي انهيءَ جي پرواهه نه ڪندي پنهنجي تحريڪ جي مرڪزي ڪائونسل جو اجلاس 22 مارچ 1940ع تي ڪراچيءَ ۾ گهرايو ۽ پنهنجي پاڪستان جي قيام واري تحريڪ کي اڳتي وڌائڻ جو عزم ڪيو. هندستان جي حڪومت جي نظر ۾ ”عليحدگي پسند“ چوڌري رحمت علي پنهنجي ڪوششن ۾ مصروف رهيو ۽ اپريل 1940ع ۾ هو واپس انگلينڊ هليو ويو، جتي هن آڪٽوبر جي مهيني ۾ ڪيمبرج مان ايم اي جي ڊگري حاصل ڪئي. 1947ع تائين هو پنهنجي پاڪستان جي حق ۾ لابنگ ڪندو رهيو. سال 1933ع کان پاڪستان جي ٻه قومي نظرئي جي ڳالهه ڪندڙ چوڌري رحمت علي پهريون ڀيرو پاڪستان اچڻ جو فيصلو ڪيو ۽ هو 16 اپريل 1948ع تي ڪراچيءَ پهتو. هو مسلم ليگي ليڊرن پاران حاصل ڪيل اڌ يا اڻپوري پاڪستان جي حق ۾ نه هو. پاڪستان جي نالي جو خالق چوڌري رحمت علي کُلئي نموني جناح صاحب سميت سمورن مسلم ليگي اڳواڻن کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائيندو رهيو. سندس خيال هو ته مسلم ليگ پاران ننڍو پاڪستان حاصل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ مسلمانن جي صحيح نموني نمائندگي ٿيل ناهي. اوهان مان ڪيترن کي اهو ٻڌي اچرج ٿيندو ته پاڪستان جي تحريڪ جي اصل خالق ۽ انهيءَ تي پنهنجي موت تائين ڪاربند رهندڙ چوڌري رحمت علي کي پاڪستان جي حڪومت وزير اعظم لياقت علي خان جي حڪم تي آڪٽوبر 1948ع ۾ ملڪ بدر ڪري ڇڏيو. 3 فيبروري تي انگلينڊ جي شهر ڪيمبرج ۾ 1951ع ۾ جلاوطنيءَ ۾ وفات ڪئي. اڄ چوڌري رحمت علي جو نالو سرڪاري تاريخ ۽ درسي ڪتابن ۾ رڳو پاڪستان جو نالو تجويز ڪندڙن ۾ شامل آهي. جي ايم سيد جو پاڪستان لاهور ٺهراءُ جي منظوريءَ جي ٽن سالن بعد يعني 3 مارچ 1943ع تي سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبر سائين جي ايم سيد هندستان جي پارلياماني ۽ سرڪاري تاريخ ۾ پهريون ڀيرو لفظ پاڪستان کي سرڪاري طور شامل ڪرايو ۽ سنڌ اسيمبليءَ ساڳئي ڏينهن تي گهڻي بحث مباحثي بعد ”پاڪستان ٺهراءُ“ کي منظور ڪيو. سنڌ اسيمبليءَ جي ٺهراءُ جي متن ۾ لفظ ”پاڪستان“ ڪٿي به موجود نه آهي پر سنڌ اسيمبليءَ جي رڪارڊ موجب انهيءَ ٺهراءُ جو عنوان ضرور ”پاڪستان ٺهراءُ“ آهي ۽ جي ايم سيد سميت سمورن ميمبرن جي ان ٺهراءُ جي حق ۾ ٿيل تقريرن ۾ پاڪستان جي قيام جي حمايت ڪئي آهي. سنڌ اسيمبليءَ جي انهيءَ اجلاس جي ڪارروائيءَ جو چند جهلڪيون اوهان آڏو پيش ڪريان ٿو، جنهن مان اهو واضح آهي ته، سائين جي ايم سيد پاڪستان مخالف اسيمبلي ميمبرن جي مذهب جي بنياد تي قائم ٿيندڙ پاڪستان جي ڪهڙي طريقي سان نفي ڪئي آهي. سنڌ اسيمبلي جو رڪارڊ شاهد آهي ته سندس پاڪستان وارو دليل رڳو مذهبي نه پر سياسي، اقتصادي، ثقافتي ۽ سماجي حقن تي مشتمل هو. سنڌ اسيمبليءَ جي رپورٽ سترهين نمبر 6 موجب: اربع ڏينهن اسيمبليءَ لاءِ پرائيويٽ ميمبر بزنس لاءِ مقرر ڪيل هو. هن ٺهراءُ جو چونڊ متن ڪجهه هن ريت هو. “.......هندستان جا مسلمان ڌار مذهب، فلسفو، سماجي ريتون، ادب، روايتون، سياست ۽ اقتصادي نظريو رکن ٿا، جيڪو هندن کان بنهه مختلف آهي. اهي (مسلمان) هڪ ڌار قوم جو حق لهڻن ٿا ۽ ننڍي کنڊ ۾ جتي هو اڪثريت ۾ رهندڙ آهن، پنهنجي مرضيءَ جون مختلف آزاد رياستون جوڙي سگهن ٿا ........ ان ڪري وفاقي حڪومت پاران ڪوبه اهڙو آئين مسلمان قبول نه ڪندا، جنهن ۾ هڪ قوم تي ٻي قوم مڙهي وڃي........... اهو سندن لاءِ ضروري آهي ته اهي پنهنجي مرضيءَ جون آزاد رياستون قائم ڪري سگهن، جن ۾ اقليتن جي تحفظ کي يقيني بڻائي سگهجي ۽ جيڪڏهن هندستان جي مسلمانن کي هڪ وفاقي حڪومت جي زوري ڪنٽرول هيٺ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي ته اهڙو عمل تباهي آڻيندڙ ٿي سگهي ٿو ۽ ان جا اڻ وڻندڙ نتيجا نڪري سگهن ٿا.“ سائين جي ايم سيد جاگرافيائي بنيادن تي پاڪستان جو ڪيس وڙهيو، جڏهن ته سندس دليل گهڻي ڀاڱي هندو ۽ اسلام مذهب جي فرق کي نه پر ٻن مختلف قومن طور سندن سياسي، اقتصادي، ثقافتي ۽ سماجي حقن جي فرق کي بيان ڪرڻ هو. ڊاڪٽر هيمن داس هڪ موقعي تي اسپيڪر کي گذارش ڪئي ته هندو مذهب ۾ نقص ڪڍي اسلام کي اتم مذهب ڪري پيش ڪيو پيو وڃي، جنهن تي اسپيڪر پڻ نوٽيس ورتو ۽ جي ايم سيد کان وضاحت طلب ڪئي. جي ايم سيد پنهنجي وضاحتي نوٽ ۾ چيو ته سندس دليل ٻن قومن وچ ۾ معاشي فرق متعلق آهي. ٺهراءُ جي حق ۾ لڳ ڀڳ سمورن ميمبرن جون تقريرون به سنڌ کي پاڪستان ۾ آزاد ۽ خود مختيار حيثيت ۾ ڏسڻ واري تناظر ۾ ڪيون ويون. ايوب کهڙو، عثمان سومرو، مسز الانا ۽ هاشم گذدر جون تقريرون به انهيءَ تناظر ۾ هيون پر شيخ عبدالمجيد سنڌي جا دليل سنڌ جو اهو موقف هو، جنهن جي آڌار تي سنڌ پاڪستان سان گڏجڻ ۽ لاهور ٺهراءُ کي عملي جامو پارائڻ هو. سنڌ جي انهيءَ موقف تي پاڪستان ٺهڻ بعد ڪڏهن به عمل نه ٿي سگهيو. عبدالمجيد سنڌي جي ان موقف جي نه رڳو سمورن حامي ميمبرن حمايت ڪئي پر مخالف ڌر ميمبر ڊاڪٽر هيمنداس واڌواڻي به ساراهه ڪئي. شيخ عبدالمجيد سنڌي جو موقف هو ته سيد جي هن ٺهراءَ ۾ رڳو آزاد ۽ خودمختيار يونٽس جي ڳالهه ڪئي ويئي آهي، اهو ٺهراءُ سنڌ لاءِ سوويت يونين جيان يونٽن کي حقِ خود اراديت ۽ آزاديءَ جي ڳالهه ڪري ٿو ته انهن يونٽن کي حق حاصل آهي ته اهي ڪنهن مهل به آزاد ٿي سگهن ٿا. سيد جو ٺهراءُ 1940ع واري لاهور ٺهراءُ جو تسلسل آهي. شيخ عبدالمجيد سنڌي، اسيمبليءَ ۾ سيد جي پاڪستان ٺهراءُ جو جيڪو بنيادي نقطو پيش ڪيو، اهو ڪجهه هن ريت هو: ”سنڌ کي سامونڊي پٽي آهي، اسان کي انهيءَ جي تحفظ لاءِ سامونڊي فوج گهرجي، جيڪا نه رڳو سنڌ جو تحفظ ڪندي پر پنجاب ۽ پختونخوا جو به تحفظ ڪندي. اسان کي ٻيون هوائي ۽ زميني فوجون به رکڻيون آهن، جن جو خرچ اڪيلي سر سنڌ نٿي برداشت ڪري سگهي. صوبن کي قدرتي تحفا مليل آهن ۽ سنڌ لاءِ ڪراچي هڪ تحفو آهي. رڳو ڪسٽم مان حاصل ٿيندڙ اوڳاڙي 8 کان 9 ڪروڙ آهي. انهيءَ کانسواءِ انڪم ٽئڪس، ريلوي ۽ پوسٽل سروس جون سموريون اوڳاڙيون مرڪزي حڪومت کڻي ويندي آهي ۽ اسان (سنڌ) کي انهيءَ مان ڪجهه به حاصل نه ٿيندو آهي. انهيءَ سبب اسانجي حڪومت لازمي تعليم ۽ مفت طبي سهولت کي متعارف نه ڪرائي سگهي آهي. اسان کي اهڙي مرڪزي حڪومت جي ڪابه ضرورت نه آهي، جيڪا هڪ اڇو هاٿي هجي ۽ انهيءَ کي ويهي پالجي.“ اڄ دنيا تي نقشي تي نروار پاڪستان هڪ حقيقت آهي ۽ انهيءَ کان انڪاري نٿو ٿي سگهجي پر منهنجي راءِ موجب، ”ٻه قومي نظرئي“ تي قائم ٿيندڙ پاڪستان جا اصل خالق در اصل چوڌري رحمت علي ۽ سائين جي ايم سيد آهن. ٻه قومي نظرئي کي اڄ رڳو مذهب سان سلهاڙيو ويندو آهي. هي نظريو در حقيقت ان وقت جي سياسي طور تي قرار ڏنل ٻن قومن (مسلمان ۽ هُندن) جي وچ ۾ رڳو مذهبي نه پر ثقافتي، سياسي، اقتصادي، سماجي ۽ انتظامي بنيادن تي ٿيندڙ فرق جو بنياد هو. اسان جا سرڪاري تاريخ دان ۽ درسي ڪتاب رڳو مذهب کي بنياد بنائي انهيءَ ٻه قومي نظرئي کي اسان آڏو پيش ڪندا آيا آهن. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ خود مختيار رياستن وارو خواب ساڀيان نه ٿي سگهيو ۽ پاڪستان جي هر نئين آئين ۾ يونٽن کي وڌ ۾ وڌ خود مختياري ڏيڻ بدران سندن خود مختياري کسي ويئي. اهڙي روِش جو نتيجو اهو نڪتو آهي جو اڄ ننڍا صوبا 1940ع واري لاهور ٺهراءُ ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ منظور ٿيل سائين جي ايم سيد واري پاڪستان ٺهراءُ تي عمل ڪرڻ جو سوال اٿاري رهيا آهن ۽ اهو سوال ۽ گهُر هاڻي شدت اختيار ڪندي ٿي وڃي. رياست ۽ انهيءَ جا ذميوار جيڪڏهن اڃا به اکيون ٻوٽيندا رهيا ته پوءِ سرڪاري تاريخدانن کي وڌيڪ سرڪاري تاريخون رقم ڪرڻ جو موقعو نه ملندو.
Posted on: Wed, 14 Aug 2013 08:17:37 +0000

Trending Topics



Recently Viewed Topics




© 2015