ٿر جو ڪوئلو (Thar Coal ):-ٿر- کي قدرت طرفان - TopicsExpress



          

ٿر جو ڪوئلو (Thar Coal ):-ٿر- کي قدرت طرفان ٻين نعمتن سان گڏ ڪوئلي جي ذخيرن سان به نوازيو آهي. 1988ع ۾ برٽش اوورسيز ڊيولپمينٽ ايجنسيءَ (ODA) -اسلام ڪوٽ- کان اٽڪل 15 ڪلوميٽر اوڀرندي طرف ڳوٺ کاريي غلام شاهه جي ويجهو ڪوئلي جي ڳولا ۾ ڪامياب ٿي. 1989ع ۾ GSP/UGS ڇاڇري جي ڀرسان ’سازدا‘ طرفان کوٽايل پاڻيءَ جي کوهه جو ارضي ۽ طبعي جائزو ورتو ۽ ٻڌايو ته -ٿر- واري رڻ پٽ ۾ ڪوئلي جو وسيع ذخيرو موجود آهي. فيبروري 1992ع ۾ -ٿر- ۾ ڪوئلي جي موجودگي لاءِ ڊرلنگ جي وسيلي چار سوراخ ڪيا ويا. ٿر ۾ ڪوئلي واري ايراضي وارو وچور: ٿر جي ڪوئلي وارو علائقو اٽڪل 15 24 ۽ 45 25 -اتر- ويڪرائي ڦاڪ، 45 69 ۽ 45 70 -اوڀر- ڊگهائي ڦاڪ جي وچ ۾ ڦهليل آهي. -ٿر جو ڪوئلو- هيٺين بلاڪن ۾ ڏنل وچور موجب ملي ٿو: نمبر بلاڪ جو نالو ايراضي (چورس ڪ.م ۾) ڊگريون ڪوئلي جي موجودگي ملين ٽنن ۾ ويڪرائي ڦاڪ ڊگهائي ڦاڪ 01 سينهاروڪيه ۽ وروائي،-بلاڪ- -I 122 35 24 کان 44 24 اتر 12 70 کان 18 70 اوڀر 3،566 02 سينگارو، بلاڪ-II 55 44 24 کان 51 24 اتر 15 70 کان 25 70 اوڀر 1،584 03 صالح جو -تڙ-، -بلاڪ- III 99.50 49 24 کان 58 24 اتر 12 70 کان 18 70 اوڀر 2،008 04 سونلٻهه، بلاڪ- IV 82.50 41 24 کان 48 24 اتر 12 70 کان 20 70 اوڀر 2،271 • ٿر جي ڪوئلي وارو علائقو سنڌ ۾ ڏکڻ- اوڀرندي طرف -ٿر- واري رڻ پٽ ۾ آهي ۽ اهو علائقو ويڪرائي ڦاڪ 24030’ اُتر کان 250 ۽ ڊگهائي ڦاڪ 7003’ -اوڀر- جي وچ ۾ آهي. • ٿر جي ڪوئلي واري ايراضيءَ جي پکيڙ اٽڪل 9100 چورس ڪلوميٽرن تي پکڙيل آهي. (اها ايراضي -ٿر- جي ڪل ايراضي 22000 چورس ڪلوميٽرن مان آهي) ۽ اها (اتر-ڏکڻ) طرف 140 ڪلوميٽر ۽ (-اوڀر- ندي-اولهندي) طرف 65 ڪلوميٽرن تي مشتمل آهي. • ٿر جي ڪوئلي وارو علائقو -ٿر- ضلعي جي مٺي، ڇاڇرو ۽ ننگرپارڪر تعلقن ۾ آهي. • ٿر جي ڪوئلي جي ذخيرن جو تخمينو 175 ارب -ٽن- آهي. • ڪوئلي جي هن ذخيري جي حسان سان ڪوئلي جي پيداوارن وارن وڏن 12 ملڪن جي فهرست ۾ ستين نمبر تي بيهي ٿو. • ٿر جي ڪوئلي جو معيار لگنئيٽ A کان B آهي، جيڪو -بجلي- پيدا ڪرڻ لاءِ مناسب آهي. ماهرن جي هڪ جائزي موجب -ٿر- ۾ موجود ڪوئلي جي ذخيرن مان -تيل- ۽ گئس جي ڀيٽ ۾ توانائيءَ جي پيداوار سئو ڀيرا وڌيڪ ڪري سگهجي ٿي. هڪ اندازي موجب -ان- ڪوئلي جي صرف ٻه سيڪڙو استعمال سان چاليهن سالن تائين 20 هزار ميگا واٽ -بجلي- حاصل ڪري سگهجي ٿي. پاڪستان هن وقت توانائيءَ جي شديد بحران جو شڪار آهي. بجليءَ جي اڻ هوند عام ماڻهن لاءِ پريشانيءَ جو سبب هئڻ سان گڏ صنعتي ۽ معاشي طور هاڃيڪار ثابت ٿئي ٿي. -ٿر- جي ڪوئلي جي مدد سان توانائيءَ جي پيداوار ۾ بي انداز اضافو ٿي سگهي ٿو. -ان- ڏِس ۾ سرڪار پاران ڪجهه غير ملڪي ڪمپنين ذريعي -ٿر- ۾ ڪوئلي بابت سروي ڪرايو ويو آهي. جنهن تي جلد عمل ڪرائڻ جي ضرورت آهي. -ان- سان هڪ طرف ملڪ لاءِ -توانائي- حاصل ٿيندي، ٻئي طرف علائقائي نوجوانن ۽ پورهيتن کي روزگار جو موقعو ملي سگهندو. 2008ع ۾ چونڊيل جمهوري حڪومت جي وزيراعظم يوسف رضا گيلانيءَ -ٿر- ڪول اٿارٽي جي تشڪيل جي منظوري ڏني، جنهن موجب -ٿر- ڪول اٿارٽيءَ جو چيئرمئن سنڌ جو وڏو وزير هوندو، وائيس چيئرمئن پاڻيءَ ۽ بجليءَ جو وفاقي وزير هوندو، جڏهن ته پلاننگ ڪميشن جو ڊپٽي چيئرمئن، -ٿر- ڪول اٿارٽيءَ جو به ڊپٽي چيئرمئن هوندو. تنهن کان سواءِ ٻين ميمبرن ۾ سيڪريٽري پاڻي ۽ -بجلي-، چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ هڪ صوبائي وزير، ڪول اٿارٽيءَ جو ڊائريڪٽر/ سيڪريٽري طور فرض نڀائيندو.
Posted on: Thu, 22 Aug 2013 20:51:35 +0000

Trending Topics




Se eu demorar, me espera Se eu te enrolar, me empurra Se eu te
UPDATE ON MYRICAL JOY MELVIN!!!! Well our little Myrical passed
Interested in facilitating a workshop at Rock The School Bells 8
Also at PKN Ubud, Bali Spirit Festival special, this Monday at
Gran Premio de Holanda de Motociclismo, 28 y 29 de junio Los
Estou saindo dentro de uma hora para uma viagem de 3 dias pelo

Recently Viewed Topics




© 2015