ڪالهه کان وٺي مذهبي انتهاپسندن جا - TopicsExpress



          

ڪالهه کان وٺي مذهبي انتهاپسندن جا گارين ڀريا “اخلاقي” ميسج اچي رهيا آهن ڀورو ڀيل اوهان جو مائٽ هيو ڇا جو رڙيون پيا ڪيو....!! اهڙي ڳالهه ڪندڙ ملن کي رائيزنگ سنڌ جواب ڏئي ٿو ته “ڀورو ڀيل ته وري به اسان جي سنڌ ڌرتي جي مٽي جي پيدائش آهي، هن ڌرتي جو اصل وارث آهي، سنڌ جي مٽي جي جوهر مان کيس خدا ٺاهيو آهي، اگر منهنجي مٽيءَ جي ڪنهن به ماڻهوءَ کي تڪليف ايندي ته اسان چپ نه رهنداسين ڀلي پوءِ هن جو ڪهڙو به دين ڌرم هجي” اسان لاءِ سڀ کان وڏو رشتو “سنڌيت” جو آهي، انسانيت جو آهي. جڏهن اسان اوهان کي برمن مصرن لاءِ رڙيون ڪرڻ کان ناهي روڪيو جيڪي اسان جي ڌرتي يا قوم جا به ناهن، ته پوءِ اسان پنهنجي ڌرتي جي ماڻهن سان ظلم تي خاموش ڇو رهون....!! پنهنجون فتوائون پاڻ وٽ رکي ڇڏيو، سنڌ اندر ملا ازم، طالبانيت انتهاپسندي برداشت نه ڪبي.
Posted on: Tue, 08 Oct 2013 18:19:01 +0000

Trending Topics



Recently Viewed Topics




© 2015