دوها نثار ٻانڀڻ ڪهڙا سُور سنڀاليان، - TopicsExpress



          

دوها نثار ٻانڀڻ ڪهڙا سُور سنڀاليان، ڪهڙا ڳايان بيت سنڌ تنهنجا ٻيٽَ ڪانئر وڪيا هِن هام تي ارڏايون شهزوريون پنهنجو مَرُڪ پرين هاڻ تَرڪُ ٿين مونجهارن جون متيون واهر سان رات ويا منهنجا ميت سڀئي ڪهڙا گيت ويهي ڳايان مان تو بنا رلي ٽوپيئي درد جي، راتين جو ويهي گهر ڀاتين جو ويهي، سور سهيڙيئي اک سان پنبڙين ۾ پوئي لُڙڪ رهائڻ آن سِکي دل تنهنجي ڇو دُکي مونکي چاهي پرين نثار ٻانڀڻ
Posted on: Tue, 23 Jul 2013 19:45:19 +0000

Recently Viewed Topics




© 2015