شهيد بشير قريشي جو موت فطري قرار، - TopicsExpress



          

شهيد بشير قريشي جو موت فطري قرار، زهر وارو ڪارڻ رد، سوا سال بعد حتمي پوسٽ مارٽم رپورٽ جاري لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) جسقم چيئرمين بشيرخان قريشي جي سوا سال کانپوءِ پوسٽ مارٽم جي حتمي رپورٽ جاري، يو ڪي جي ليبارٽرين مان ٽيسٽ رپوٽون اچڻ کانپوءِ صحت کاتي سنڌ پاران جوڙيل 15 رڪني ڪاميٽي جي صلاح مشورن بعد چانڊڪا سول اسپتال جي بورڊ پاران 2 صفحن تي ٻڌل رپورٽ جاري ڪئي وئي، جنهن ۾ بشيرخان قريشي جو موت فطري ڄاڻايو ويو، جاري ڪيل رپورٽ ۾ برطانيا جي پيٿالاجي ليبارٽري ايل جي سي جو حوالو ڏيندي ڄاڻايو ويو آهي ته بشيرخان قريشي جي جزن جي ٽيسٽ مان ثابت ٿيو آهي ته هو پراڻو دل جو مريض هو ۽ جزن مان ڪٿي به زهر جا نشان نه مليا آهن، يو ڪي جي اهڙين ٽيسٽن جي آڌار تي پوليس سرجن ۽ چانڊڪا اسپتال جي ايم ايس سان گڏ 5 رڪني ڪاميٽي جي صحيحن سان جاري ڪيل رپورٽ ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته بشيرخان قريشي جي جزن جي يو ڪي مان ليب جي اماڻيل فوٽو ڪاپي وارين رپورٽن تي ڪنهن جي به صحيح ٿيل نه آهي، اهڙي رپورٽ لاڳاپيل رحمت پور ٿاڻي جي پوليس حوالي ڪئي وئي، جنهن بعد لاڳاپيل ٿاڻي رپورٽ کي ايس ايس پي آفيس حوالي ڪيو، جتان نوابشاهه جي سڪرنڊ پوليس حوالي ڪئي ويندي، ڇاڪاڻ ته ايف آءِ آر سڪرنڊ ۾ داخل ٿيل آهي، ان ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب جسقم جي چيئرمين بشيرخان قريشي جي پوسٽ مارٽم رپورٽ بابت صحت کاتي پاران جوڙيل ٽيم جنهن ۾ ان وقت جي پوليس سرجن ۽ موجوده ايم ايس ڊاڪٽر صفي الله عباسي، شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي فارنسڪ ميڊسن جي پروفيسر ڊاڪٽر غلام قادر ڪهيري، ايسوسيئيٽ پروفيسر فارنسڪ ميڊسن ڪنول ڪمار، ڊاڪٽر عبدالقيوم راڄپر ايم ايل او ۽ ڊاڪٽر رحيم بلوچ جي صحيح سان هڪ رپورٽ نمبر CMCHL:PS/2597 Dated 21-08-2013 تي جاري ڪئي وئي، جنهن رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته برطانيا جي ايل جي سي ليب پاران رپورٽون سيڪريٽري هيلٿ ڪراچي ڏانهن اماڻيون ويون، جنهن جون فوٽو ڪاپيون ڊپٽي سيڪريٽري هيلٿ ڊاڪٽر سڪندر ميمڻ پاران چانڊڪا اسپتال جي انتظاميا کي ڪاپيون اماڻيون ويون، اڳ سيڪريٽري هيلٿ پاران بشير خان قريشي جي جزن جي ٽيسٽ لاءِ مٿين 5 ڊاڪٽرن سان گڏ 15 رڪني ڪاميٽي جوڙي وئي هئي، جنهن ۾ ڊاڪٽر فضل الاهي ميمڻ به شامل هو، يو ڪي ليب جي رپورٽن کانپوءِ 15 رڪني ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو هو، جنهن ۾ به گڏيل طور اتفاق ڪيو ويو هو ته يو ڪي جي ليب جي رپورٽن کانپوءِ ثابت ٿيو آهي ته بشير خان قريشي جو موت طبي ٿيو آهي، ڇاڪاڻ ته يو ڪي جي پيٿالاجي ليب جي رپورٽن ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته بشير خان قريشي دل جو پراڻو مريض هو، ان سلسلي ۾ رحمت پور پوليس پاران اهڙي رپورٽ ملڻ کانپوءِ ايس ايس پي آفيس رپورٽون اماڻيون جتان سڪرنڊ پوليس کي پوسٽ مارٽم جي حتمي رپورٽ اماڻي وئي آهي، چانڊڪا جي ڊاڪٽرن پاران اماڻيل رپورٽ ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته ڊپٽي سيڪريٽري هيلٿ ڊاڪٽر سڪندر ميمڻ طرفان جيڪي فوٽو ڪاپيون يو ڪي ليب جون ڏنيون ويون آهن انهن تي واسطيدار ڪنهن به ماڻهو جي به صحيح نه آهي، ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي چانڊڪا اسپتال جي ايم ايس ۽ پوليس سرجن ڊاڪٽر صفي الله عباسي ٻڌايو ته يو ڪي جي ليب جي رپورٽن ۾ ڪاز آف ڊيٿ نيچرل ڄاڻايو ويو آهي ۽ زهر جي ڪٿي به نشاني ظاهر نه ٿي آهي، هوڏانهن ڪاوش سان ڳالهائيندي جسقم جي سينيئر وائيس چيئرمين ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو آهي ته جسقم پوسٽ مارٽم رپورٽ کي رد ڪري ٿي، هن چيو ته سڄي سنڌ کي خبر آهي ته موجوده گذريل سرڪار جو تسلسل آهي، ان بشير خان جي شهادت کان جزن جي ٽيسٽ تائين ڪوتاهيون ڪيون آهن، هن چيو ته منظور وساڻ ان معاملي ۾ دلچسپي ورتي ته ان کي به هٽايو ويو هو، هن چيو ته جسقم ۽ حڪومت وچ ۾ طئي ٿيو هو ته جزن جي چڪاس گڏيل مشوري سان ڪرائي ويندي ۽ اسان پنهنجو ماڻهو موڪليون ها پر حڪومت اسان کي اعتماد ۾ نه ورتو ۽ نه اطلاع ڏنو، هن چيو ته اسان کي ڄاڻايل برطانيا جي ليبارٽري مان معلومات ملي آهي، اتي بشير خان جا جزا موڪليا نه ويا آهن ۽ هي رپورٽ دوکو ۽ فراڊ آهي، ان جي مذمت ڪيون ٿا، هن چيو ته ڪجهه ڏينهن اندر پارٽي جو اجلاس سڏائي حڪمت عملي جو اعلان ڪنداسين. The Kawish Group of Publication B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan. Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167 Email: kawish12@gmail
Posted on: Fri, 30 Aug 2013 07:19:44 +0000

Trending Topics



Recently Viewed Topics




© 2015